نبي بخش عباسي

نبي بخش عباسي

عباسي نبي بخش

عباسي، نبي بخش: نامور اداڪار ۽ فنڪار نبي بخش عباسي، 14 آگسٽ 1947ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. 1968ع ۾ ڪاليج جي مختلف ننڍن وڏن ڊرامن ۾ حصو وٺي اداڪاري طرف راغب ٿيو. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘موالي’ آهي. هي 1980ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پروگرام ‘نئين ٽهي’ ۾ ڪلام ڳائي ريڊيو تان متعارف ٿيو. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. جن ۾ ‘هر شخص ڪهاڻي آ’، ‘پٿر دنيا’، ‘ڪڏهن ته ملنداسين’، ‘ٽٽل آئينو’، ‘روشن’، ‘برداشت’، ‘ناسور’، ‘پڃرو’، ‘نازو’، ‘پنهنجا پراوا’، ‘شطرنج’ ۽ ‘عشق جو انداز’ قابل ذڪر آهن. هن هڪ سنڌي ۽ ٽيلي فلم ‘جيجل ماءُ’ ۾ پڻ ڪم ڪري پاڻ مڃايو. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هيءُ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو